Untitled Document

ڪينجهر ڪناري ميلو

ٺٽو:23 جون: انڊس فار آل پروگرام _ ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستانپارانڪينجهر ڪنزرويشننيٽ ورڪ جي سهڪارسانماحولياتي مسئلن بابت آگاهيڏيڻلاءِ ٺٽي ۾ ڪينجهر ڪناري ثقافتيميلو منعقد ڪيوويو. هن ميلي ۾ سماجي تنظيمن جي نمائندنسميت سول سوسائٽيميمبرن، مقامي ماڻهن، اديبن، فنڪارن۽ شاعرنپڻ شرڪت ڪئي.

هن ميلي جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ کي درپيشماحولياتيمسئلن۽ ان سانمقامي آبادي تي پوندڙ خراب اثرن بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ هو. شام جو لڳايل هي ميلو رات دير تائين جاري رهيو.

ميلي ۾ ترڻ جو مقابلو، تقريرون ۽ ٽيبلوپيش ڪرڻ کان علاوهمشاعرو پڻ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن پنهنجا شعر ۽ غزل پيش ڪيا.

تقريب کي خطاب ڪندي انڊس فار آلپروگرام جي پروگرامڪو آرڊينيٽر محترم ناصر علي پنهور چيو تهميلي ذريعي اسين عالميماحولياتي مسئلن سان گڏوگڏ ڪينجهر ڍنڍ کي درپيش مسئلن بابت مقامي ماڻهن، سڄاڻ ڌرين ۽ ميڊيا کي آگاهي فراهم ڪري رهيا آهيون.هن اهو پڻ چيو تهموسمي تبديلين سبب ڍنڍ تي ايندڙ نايابپکي ختم ٿي ويا آهن ۽ ڍنڍ جو پاڻي تيزي سانگدلو ٿي رهيو آهي. جيڪو انساني صحتسان گڏوگڏٻين جاندارنلاءِ پڻ هاڃيڪار آهي. هن وڌيڪ چيو تهسنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيپڻ ڪينجهر ڍنڍ جي خوبصورتي کي پنهنجي شاعري ۾ چٽيو آهي ۽ پنهنجي ڪافي شاعري فطرت جي حسن ۽ دلڪش نظارن کي ارپي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪينجر ڍنڍ کي درپيشماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري،غير سرڪاري ۽ ٻين بين الاقواميادارن سان گڏو گڏ مقامي ماڻهن، اديبن،شاعرن ۽ شاگردن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائينديهالينڊ مان آيل ماحولياتيماهر وم گيزن چيو تهسنڌي ثقافت ۽ موسيقياولهه وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ مختلفآهي پر هو ان کي بيحدپسندڪري ٿو، جيڪا فطرت جي رنگن۾ رچيل آهي. هن وڌيڪ چيو تهاهڙي قسم جا ميلامنعقدڪيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو ماحولياتيمسئلن کي بهتر نمونيسمجهي سگهن. ان موقعيتي انڊسفار آلپروگرامجي ٽيم ليڊرمحترم ربنواز چيو ته ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِوڌيڪ وقتدرڪار آهي. پر پوءِ به اسين هاڪاري نتيجا حاصل ڪري رهيا آهيون.

هن ميلي۾ فنڪارن پڻ شرڪتڪئي جن ۾ محترم شهزادو ڪامران، محترم ٻالڪ سنڌي، محترم الله ڏنو خاصخيلي ،محترم مراد مڱڻهار ۽ محترم فاضل پالاري ثقافتي گيت ڳائي هال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

تقريب جي آخر ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مانڪهي آيل مشهور شاعرن محترم علي اظهار، محترم مور ساگرمحترم عابد سنڌي، محترمه مريم مجيدي ، محترمقوي، محترم اياز امر شيخ ۽ محترم سرويچ سجاوليخوبصورت شعر ۽ غزل پيش ڪيا.

 

Untitled Document Publications